شاهه غلام يٰسين شيخ

شاهه غلام يٰسين شيخ: هي برهانپور جي نامور عالم، فاضل ۽ حافظ قرآن شيخ شهاب الدين جو ٽيون نمبر پٽ هو. هن جي ولادت ۽ وفات توڙي احوال بابت ڪا به معلومات نه ٿي ملي. بس هي شيخ شهاب الدين جو پٽ ۽ بابا فتح محمد جو پوٽو ۽ پنهنجي دور جو عالم ۽ فاضل هو. سندس مڪمل نالو شاهه غلام يــٰسين عين الله وارثِ رسول الله هو. هن جي هڪ ناياب تصنيفشرح آيات سليمانيه’ آهي. هن تصنيف ۾ قرآن مجيد جون اهي سموريون آيتون، جن ۾ حضرت سليمان عليه السلام جو ذڪر آهي، هڪ هنڌ جمع ڪري انهن جو ترجمو ۽ شرح فارسي ٻوليءَ ۾ لکي وئي آهي. هي ڪتاب ‘برهانپور ڪي سندهي اولياء’ جي مصنف سيد مطيع الله راشد برهانپوريءَ وٽ محفوظ هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو